هزارگنجي۔چلتن نيشنل پارڪ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

هزارگنجي چلتن نيشنل پارڪ پاڪستان جي صوبي بلوچستان جي ضلعي مستونگ ۾ واقع هڪ قومي پارڪ آهي. ان جي اولهه ۾ چلتن جبل ۽ اوڀر ۾ هزار گنجي جبل آهي. پارڪ سال 1980ع ۾ قائم ڪيو ويو ته جيئن هن علائقي ۾ موجود ناياب چلتن آئبيڪس کي رهائش مهيا ڪئي وڃي.[1] اهو 3,25,000 ايڪڙ زمين تي پکڙيل آهي جيڪو چلتن جبل جي ويجهو ڪوئيٽا جي ٻاهرئين حصي ۾ واقع آهي.[2] ريگستان ۽ ٻيلن جي رهائش سان، ڪوئيٽا شهر سان اٽڪل 20 ڪلوميٽر (12 mi) جي مفاصلی تی، ڏکڻ اولهه ۾ سليمان جبل جو حصو آهي.

حوالا[سنواريو]