صوتيات

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

صوتيات (Phonology) ”صوت“ عربي لفظ آهي، جنھن جي معنيٰ آهي ”آواز“، پوءِ اُهو تمام هلڪو هجي يا چٽو. ٻوُليءَ جو ٻاهريون ۽ ظاهري پھلو آوازن سان تعلق رکي ٿو. آواز انساني بہ ٿيندا آهن تہ غير انساني بہ. انهن جو علمي اڀياس علم طبعي (Physics) ۽ علم بدن جو جز آهي. ان ڪري ٻولين جي آوازن جي اڀياس لاءِ اسان کي علم طبعي ۽ علم بدن (Physiology) جي مدد جي ضرورت رهي ٿي. انساني ٻوليءَ جي آوازن جو اڀياس هن وقت علمي صورت اختيار ڪري چڪو آهي، جنھن کي علم آواز (Phonetics) سڏجي ٿو.[1] ڊاڪٽر غلام علي الانا موجب ”صوتيات اهو علم آهي، جنھن جو واسطو ڳالهائڻ جي عضون جي عمل سان آهي. هن علم جي مدد سان اهو ڏيکاري يا سيکاري سگهجي ٿو تہ ڪنھن بہ نئين يا خاص آواز جي اچار ڪرڻ وقت ڳالهائڻ جي عصون جي بيھڪ (Position) ڪھڙي ٿي سگهي ٿي. علم صوتيات ذريعي اها خبر پوي ٿي تہ ڪنهن آواز جي اچارڻ لاءِ ڪھڙا ڪھڙا عضوا عمل ۾ اچن ٿا، حرڪت ڪن ٿا ۽ انهن جي عمل جو ڍنگ ڪھڙو آهي ۽ ڪهڙي آواز جو مخرج (Point of articulation) ڪھڙو آهي.“ مخرجن لاءِ عضون ۾ تاڙون، ڏند، زبان يا چَپَ اهم آهن.[2]

حوالا[سنواريو]

  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.
  2. "All Classes Notes Online, Urdu, Sindhi, English: Lisaniyat (Sindhi)". All Classes Notes Online, Urdu, Sindhi, English. حاصل ڪيل 2020-01-25.