خاڪا نويسي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

خاڪا نويسي سوانحي ادب جو هڪ حصو آهي. جنھن ۾ ليکڪ ڪنھن هستيءَ، شخص يا بزرگ جي زندگي۽ سندس خدمتن کي چٽيندو آهي. هي گهڻين حقيقتن ۽ رنگن سان چٽيل نہ عڪس آهي ۽ نه ئي وري ڪو فوٽو گراف، جنھن ۾ رواجي ۾ رواجي چيز بہ اچي ويندي آهي. ادب ۾ جنھن کي خاڪا نويسي چئبو آهي، ان ۾ گهٽ ۾ گهٽ لفظن سان ادبي نموني ڪنهن هستيءَ، شخص يا بزرگ کي چٽيو ويندو آهي. عام طور ڪن خاص شخصن تي خاڪا لکيا ويندا آهن. ليڪن خاڪا نويس عڪس ٺاهي زندگيءَ ۾ حقيقتن جي سچائي ۽ غير شخصي رخ ضروري ڏيندو آهي، ان ۾ تصور کي بلڪل جڳھ ڪانهي. جيوني ڪنھن شخص جي سموري زندگي يا زندگيءَ جي گهڻي حصي کي پاڻ سمائي ٿي. جڏهن تہ ڪنهن جو خاڪو، ليکڪ جي ڏات ۽ زندگي سان جوڙيل ڪنھن شخص جو مختصر چتر آهي. ان نموني جيون ڪھاڻي ۽ سوانح نگاريءَ کان الڳ آهي. خاڪي چٽڻ ۾ اختصار ۽ شدت (Intensity) استعمال ڪئي ويندي آهي. ٿورن لفظن ۾ بہ گهڻو ڪجهہ چوڻ خاڪي جي چٽڻ جي خصوصيت آهي. سنڌي ادب ۾ خاڪا نويسيءَ جا ڪيترائي سٺا ڪتاب شايع ٿي چڪا آهن، جن ۾ ”جنم گذاريم جن سين“ (جي ايم سيد)، ”سانگي ڪي ساريام“ (شيخ عبدالرزاق راز)، ”شڪليون“ (عبدالقادر جوڻيجو)، ”فن، شخصيت، انداز“ (ڊاڪٽر شمس الدين عرساڻي)، ”ڏاهپ ۽ ڏات جي لاٽ“ (سراج) وغيره.[1]

حوالا[سنواريو]

  1. ادبي اصطلاحن جي تشريحي لغت؛ مرتب: مختيار احمد ملاح؛ پبلشر: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، سنڌ.