توري

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

توري
مصري توري
سائنسي درجا بندي e fossil_range: If the specified fossil range is a period supported -- by templates {period_start} and {next_period}, then it incorporates -- the specified range into template {Fossil range}, but checking to -- display properly. Otherwise, just passes parameter. --></noinclude>
Unrecognized taxon (fix): لوفا
Species
هم معنيٰ
Luffa aegyptiaca

توري (انگريزي: Luffa) جنھن جو نباتاتي (انگريزي: Luffa acutangula) ۽ (انگريزي: Luffa aegyptiaca) آھي. هڪ ٻوٽي جو ميوو آهي جنھن کي سبزي جي طور استعمال ڪيو ويندو آهي. هنجو رنگ عام طور تي سائو هوندو آهي. ايشيا ۽ آفريڪا جي گھڻن ئي ملڪن ۾ توري کي پوکيو ويندو آهي. اگر هي ٻوٽي تي ئي رهجي وڃي تہ سڪي اسپنج وانگر ٿي ويندي آهي جنھن کي ماڻهو وهنجڻ مھل مھٽڻي جي طور استعمال ڪندا آهن مرزا قليچ بيگ لکي ٿو تہ ”هن کي هندستانيءَ ۾ تُرئي يا جهينگا ترئي چوندا آهن. هن جي هڪڙي قسم کي گِھَ توري سڏيندا آهن، جنھن جي کل لسي ٿيندي آهي. ٻين جي کلن تي تکن ڪنڊن واريون لڪيرون نڪتل آهن. هيءَ ڀاڄي عام آهي ۽ سانوڻ ۾ پوکبي آهي. هن جو وڻ ول وانگي آهي، جو وڏن وڻن تي ۽ مَنھن جي مٿان چڙهي ويندو آهي ۽ ڇانوَ ڪري بيھندو آهي. هن کي گهڻن ئي طرحن سان ماڻهو کائيندا آهن.“[2] ٿر ۾ هي وليون ڪي ماڻهو ٻنين ۾، ڪي وڻن جي اوٽ تي ۽ ڪي پنھنجن گهرن ۾ پوکيندا آهن، جن کي هٿرادو پاڻي ڏيندا آهن. مڙيئي ڪڏهين ڪڏهين ڀاڄي پيا کائيندا آهن.[3]


تصويرون[سنواريو]

توري ٻوٽي تي
توري سڪي وڃي ته اسپنج جي شڪل اختيار ڪندي آهي

حوالا[سنواريو]

  1. حوالي جي چڪ: Invalid <ref> tag; no text was provided for refs named OriginOfNomenclature
  2. باغ ۽ باغباني؛ ليکڪ: مرزا قليچ بيگ؛ ايڊيشن:1960ع؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو، سنڌ.
  3. تاريخ ريگستان (ڀاڱو ٻيون)، مصنف: رائچند هريجن، ايڊيشن: ٽيون، سال؛ 2005ع، ڇپائيندڙ: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو، سنڌ.