احسان علي شاھ (شاعر)

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

احسان علي شاهه ( -اول- ):سيد -احسان علي شاهه- سنڌي مرثيه جي باني سيد ثابت علي شاهه جي گهر سيوهڻ شريف ۾ 1775ع ۾ پيدا ٿيو . ابتدائي -تعليم- سيوهڻ جي مدرسن ۽ ديني -تعليم- پنهنجي ڏاڏي سيد مدار علي شاهه کان حاصل ڪئي ۽ علم عروض جي سکيا پنهنجي والد سيد ثابت علي شاهه کان ورتائين . مرزا مراد علي بيگ ’سائل ‘ ۽ -احسان علي شاهه- ٻنهي گڏجي سيد -ثابت علي شاهه ڪربلائي- کان شاعريءَ جي سکيا ورتي . شاهه صاحب کي شاعريءَ سان شوق ننڍي هوندي کان ئي هو . 1244ھ/1828ع ۾ مير ڪرم علي خان -ٽالپر- جي وفات کان پوءِ مير مراد علي خان -ٽالپر- ، سيد -احسان علي شاهه- ۽ سندس وڏي -ڀاءُ- سيد امداد علي شاهه کي سيد ثابت علي شاهه جي وصيت مطابق سڄي ڪٽنب سميت سيوهڻ مان گهرائي حيدرآباد ۾ ميرن جي قبن وٽ زمين ۽ جايون ڏئي رهايو . هن علمي گهراڻي تي مغلن جي حڪومت کان وٺي وقت جي حاڪمن ۽ بادشاهن جي خاص نظر عنايت رهي . اهڙي طرح سيد -احسان علي شاهه- به سنڌ جي آخري تاجدار مير محمد نصير خان -ٽالپر- جو خاص مقرب هو . سيد ” مرتضائي “ ٺٽوي سنه 1890ع ۾ پنهنجي -تصنيف- ڪيل منظوم مثنوي ” يوسف زليخا “ ۾ سيد -احسان علي شاهه- بابت لکي ٿو ته: ” سيد ثابت علي شاهه جو فرزند سيد -احسان علي شاهه- تمام قابل ۽ لائق ، جو سڀ ڪنهن ڳالهه جي مثال تي قرآن شريف جي -آيت- ۽ حديث نبوي ، مولانا رومي جي مثنوي جو -بيت- ، پنهنجي پيءُ ثابت علي شاهه ۽ ڀٽائي صاحب جو -بيت- چوندو هو . “ سيد -احسان علي شاهه- جو چيل ” مياڻي جو مرثيو “ عرف -جنگ- نامو سندس مشهور -تصنيف- آهي . جيئن ته سيد -احسان علي شاهه- مياڻي جي -جنگ- جي وقت حيات هو ، سو سمورو اکين ڏٺو احوال ڏاڍي سهڻي رزميه انداز ۾ پيش ڪيو اٿس . سندس هي مرثيو سنڌي ادب ۾ هڪ تاريخي حيثيت رکي ٿو . سيد -احسان علي شاهه- 1845 ع ڌاري حيدرآباد جي علائقي ” ميرن جي قبا “ تيوفات ڪئي ۽ اتي ئي مدفون آهي . سيد -احسان علي شاهه- کي چار فرزند هئا پر چار ئي لا اولاد ٿي انتقال ڪري ويا . پر سندس وڏي -ڀاءُ- سيد امداد علي شاهه -اول- جو اولاد هلندو اچي ۽ حيدرآباد جي ميرن جي قبن وٽ سندن رهائش آهي . -احسان علي شاهه- جو گهڻو ڪلام ضايع ٿي چڪو آهي پر ويجهڙائي ۾ سندس ڪجهه سنڌيءَ ۾ چيل سلام پراڻن بياضن ۾ مليا آهن . سندس هڪ شاهڪار سلام جو مطلع ۽ مقطع پيش آهي: سڀ مرتضيٰ جا سهڻا رڻ ڪربلا سڌاريا زهرا جا ماهه پارا رڻ ڪربلا سڌاريا

” -احسان علي- “ چؤ مرثيا شهدائي ڪربلا جا مطلـوب سـي خـدا جـا رڻ ڪربلا سڌاريا[1]

حوالا[سنواريو]