راڄڌاني شھر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(راڄڌاني کان چوريل)
اسلام آباد، اسلامي جمهوريه پاڪستان جي راڄڌاني.

لفظ "گادي جو هنڌ" يا "دارالحڪومت" (انگريزي: capital) چورائيندو آهي دراصل لاطيني ٻولي جو لفظ آهي جنهن جي معنيٰ “مٿيو“ آهي. عربي ۾ دارالحڪومت جو مطلب حڪومت جو گھر يا مرڪز وٺي سگهجي ٿو. آمريڪا ۾ گادي جو هنڌ ان شهر کي چيو ويندو آهي جتي صوبي يا ملڪ جي انتظام جي لاءِ سرڪاري دفتر قائم هجن.

گادي جو هنڌ ڪنهن به علائقي، صوبي، ملڪ يا رياست جو مرڪزي شهر جيڪو باقاعده طور تي تسليم شده هوندو آهي. صوبي جو گادي جو هنڌ دراصل هڪ صوبي جي مرڪزي شهر جي لاءِ استعمال ٿيڻ وارو اصطلاح آهي. صوبائي گادي جو هنڌ دراصل اهو شهر هوندو آهي جتي سرڪاري عمارتون ۽ صوبي جا تجارتي، ثقافتي ۽ سماجي مرڪز قائم هجن ۽ انهن مرڪزن جي حيثيت سرڪاري طور تي تسليم ٿيل هجي. گادي جو هنڌ ٻن طرحن جي معنائن ۾ استعمال ٿيو آهي، انتظامي يا آبادي جي لحاظ سان عظيم شهر يا سياسي ۽ انتظامي لحاظ سان عظيم شهر. ڪيترن ئي صوبن ۾ گادي جو هنڌ آبادي جي لحاظ سان عظیم نه هوندو آهي پر سياسي لحاظ سان سرڪاري طور تي عظيم مڃيو ويندو آهي.

حوالا[سنواريو]